ٺري ميرواھ  ۾ فصل جي ڀيل تان  ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،3  ڄڻا زخمي

ٺري ميرواھ جي يوسي سانيسو جي  ڳوٺ جواڻ خان شر ۾ ووئڻن جي فصل ۾ چوپايو مال ڇڏي ڀيل ڪرائڻ واري عمل  تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزادانا استعمال ٿيڻ جي نتيجي ۾  هڪ ڌر جا  محمد صديق شر ، عبدالرشيد شر ۽ ٻي ڌر جا علي خان شر زخمي ٿي پيا، ٻنهي ڌرين جا وارث زخمين سميت ٺري ميرواھ  ٿاڻي تي فرياد کڻي پهتا جتي پوليس پاران کين علاج لاء ليٽر جاري ڪيو ويو جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .

رپورٽ- ايم صالح شر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.