”وفاق ڪڻڪ ٻاهر اسمگل ڪري مهانگي اگهه تي درآمد پئي ڪري“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه وفاقي حڪومت تي ڪڻڪ پرڏيهه اسمگل ڪري مهانگي اگهه تي درآمد ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

پنهنجي آفيس مان جاري بيان ۾ سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت انسانن جي استعمال جي ڪڻڪ پولٽري فارمن کي ڏئي ڇڏي پر اڄ جڏهن ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي ذميوار پئي قرار ڏئي، جڏهن ته حقيقت ۾ وفاقي ڪابينا ۾ ويٺل وزير اٽي ۽ کنڊ بحران جا ذميوار آهن.

ناصر حسين شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته خسرو بختيار ۽ جهانگير ترين جي خلاف جيڪڏهن ڪا ڪارروائي ٿئي ها ته اڄ ملڪ ۾ اٽي جو نه هجي ها. وفاقي حڪومت ۽ وزير پنهنجي نالائقي ۽ ناڪامي جو ملبو سنڌ حڪومت مٿان ٿوڦڻ بند ڪن.

هن چيو ته پشاور، ڪوئيٽا ۽ ٻين شهرن ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جو بحران صرف ۽ صرف وفاقي حڪومت جي نااهلي جو نتيجو آهي. وفاقي وزيرن کي شايد ان ڳالهه جو علم ناهي ته فوڊ سيڪيورٽي کاتو وفاقي حڪومت جي ماتحت آهي ۽ جنهن جي نااهلي نتيجو سڄو پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.