حڪومت جو مخالف ڌر کي سڄي ملڪ ۾ جلسن جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته مخالف ڌر کي سڄي ملڪ اندر جلسا ڪرڻ جي اجازت هوندي، پي ڊي ايم کي جلسن جون اين او سيز جاري ڪيون وينديون.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياسي معاملن تي حڪومتي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير ۽ خاص مددگار شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي غور ٿيو ۽ مخالف ڌر جي حڪومت مخالف تحريڪ تي ڳالهيون ڪيون ويون. حڪومتي پوليٽيڪل ڪميٽي صورتحال بابت تجويزون پيش ڪيون.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت مخالف ڌر پارٽين جي جلسن ۽ ريلين ۾ ڪا به رنڊڪ نه وجهندي ۽ مخالف ڌر کي سڄي ملڪ ۾ جلسا ڪرڻ جي اجازت هوندي، پي ڊي ايم کي جلسن جون اين او سيز جاري ڪنداسين، پر مخالف ڌر کي جلسن ۾ ڪورونا ايس او پيز جو پابند بڻايو ويندو.

ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پرامن احتجاج ۽ جلسا ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي، پر احتجاج جي آڙ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، مخالف جي تحريڪ عوام جي نه پر سياسي ايليٽ جي مفادن جي تحفظ لاءِ آهي، مخالف ڌر حڪومت تي دٻاءُ وجهي ڪرپشن ڪيسن مان ڇوٽڪارو چاهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.