ڪي اليڪٽرڪ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي، عوام تي ساليانو 28 ارب جو بار پوندو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر واسين جي لاءِ في يونٽ بجلي هڪ رپيو 9 پيسن کان 2 رپيا 89 پيسن تائين مهانگي ڪئي وئي.

پاور ڊويزن ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ بجلي جي نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب بجلي جي اگهه ۾ واڌ 11 ٽه ماهي جي ايڊجسٽمنٽس جي مد ۾ ڪيو ويو آهي. واڌ پهرين سيپٽمبر کان لاڳو ٿيندي.

نوٽيفڪيشن موجب ماهوار 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفن لاءِ بجلي جا موجوده اگهه برقرار رهندا.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ماهوار 301 کان 700 يونٽ تائين جي گهرو صارفن جي لاءِ في يونٽ بجلي هڪ رپيو 65 پيسا مهانگي ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ماهوار 301 کان 700 يونٽ بجلي استعمال تي في يونٽ نئون اگهه 19 رپيا 25 پيسا ۽ 700 يونٽ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪرڻ تي هڪ يونٽ ٿيندو 22 رپين 35 پيسن جو.

پنج ڪلو واٽ لوڊ جي ڪمرشل صارفن جي لاءِ في يونٽ بجلي هڪ رپيو 9 پيسا جڏهن ته پنج ڪلو کان وڌيڪ استعمال تي 2 رپيا 88 پيسا مهانگي ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.