گهوٽڪي: پ پ ايم اين اي محمد بخش مهر  پاران مختلف علائقن جو دورو

پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر  پاران گهوٽڪي ضلعي جي مختلف علائقن جو دورو  ڪري مختلف برادرين سان عذرخواهيون ڪيون ويون , چيف سردار محمد بخش خان مهر گهوٽڪي لڳ مومل جي ماڙي پهچي ڀٽا برادري جي معزز رئيس حبيب الرحمان ڀٽو سان سندس امڙ جي وفات تي عذرهواهي ڪري ڏک جو اظهار ڪيو , جڏهن ته پ پ ايم اين اي استاد سڪندراعظم ڪڪڙو سان ڀيڻ ۽ غلام مرتظئ شيخ سان سندس والد جي وفات تي پڻ عذرخواهي ڪري ڏک جو اظهار ڪيو , ان موقعي ته پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عوام سان گڏ آهي , اسين جمهوريت تي يقين رکون ٿا ،ان موقعي ته پ پ جيالن ۽ عوام چيف سردار محمد بخش خان مهر کي پيپلزپارٽي جي ڪراچي واري جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو يقين ڏياريو

رپورٽ- يونس ڀٽو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.