نوابشاهه: قائد عوام انجنئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن جو احتجاج

نوابشاهه ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف ايڊمن بلاڪ جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، انَ موقعي تي شاگردن سجاد کوسو، مجيد مغيري، ڪاشف ڏاھري ۽ ٻين چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب پرائمري اسڪول کليل آھن، سڄي سنڌ جون يونيورسٽيون کليل آھن، جڏھن ته قائد عوام يونيورسٽي جي انتظاميه ھن وقت به آن لائين ڪلاس وٺي ٿي، ھنن چيو ته انهن کان اڳ جيڪي آن لائين ڪلاس ورتا ويا  انھن جا آن لائين امتحان ورتا وڃن ،شاگردن چيو ته  انهن جا جائز مطالبا تسليم ڪري انهن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي

رپورٽ-رحيم لاشاري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.