سکر جي احتساب عدالت  ۾ آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي

سکر جي احتساب عدالت  ۾ آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ،پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ خورشيد احمد شاهه کي سخت سيڪيورٽي هيٺ اين آئي سي وي ڊي اسپتال کان ايمبولينس ذريعي احتساب عدالت پھچايو ويو،احتساب عدالت پاران محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ريفرنس جي ٻڌڻي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ان موقعي تي عدالت ٻاهران  ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ھن وقت ملڪ جون معاشي حالتون انتھائي خراب آھن ،پي ٽي آئي حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ کي داء تي لڳايو ويو  آهي،هن چيو ته موجودا حڪومت پارليامينٽ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ھاڻي ڪوئي سياستدان ناھي بچو جنھن کي غدار قرار ناھي ڏنو ويو

رپورٽ- اختيار علي چنا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.