ڪراچي ۾ اربع کان جمعي تائين سخت گرمي جي اڳڪٿي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي شهر ۾ هيٽ ويو دوران پارو 42 ڊگري تائين وڃڻ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر موجب نار بنگال ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ ڊپريشن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي ۽ اِها ڊپريشن اوڀر ڀارت ۾ آهي جيڪو اوڀر ڀارت جي سامونڊي پٽي ۾ مينهن وسائي سگهي ٿو ۽ ڊپريشن وچ ڀارت تائين اچي سگهي ٿو جڏهن ته پاڪستان جي سامونڊي علائقن کي ان آپريشن مان سڌو سنئون خطرو ناهي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز چيو ته ڪراچي ايندڙ 5 کان 7 ڏينهن دوران هيٽ ويو جي لهر ۾ رهندو، ڏينهن جي وقت ۾ سامونڊي هوائون بند رهنديون ۽ ميداني علائقن مان گرم ۽ خشڪ هوائون هلنديون.

سردار سرفراز ٻڌايو ته هيٽ ويو دوران ڏينهن جي وقت ۾ گرمي پد 39 کان 40 ڊگري تائين وڃڻ جا امڪان آهن جڏهن ته 14 کان 16 آڪٽوبر دوران پد 42 ڊگري کي ڇُهي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.