ملڪ جي اڪثر يوٽيلٽي اسٽورز تان کنڊ ۽ اٽو گم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ جي اڪثر يوٽيلٽي اسٽورز تان کنڊ ۽ اٽو گم ٿي ويو.

ذريعن موجب يوٽيلٽي اسٽروز گذريل 2 مهينن ۾ کنڊ جي خريداري جا 3 ٽينڊرز جاري ڪيا جيڪي آگسٽ، سيپٽمبر ۽ هاڻ آڪٽوبر ۾ جاري ڪيا ويا.

ذريعن ٻڌايو ته ٽئي ڀيرا 35-35 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ جا ٽينڊرز جا ڪري ويا پر شگر ملز آگسٽ ۾ 4 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ يوٽيلٽي اسٽورز کي وڪرو ڪئي جنهن جي ڪري آگسٽ ۾ خريديل کنڊ يوٽيلٽي اسٽورز کي 94 رپيا في ڪلو تائين ملي جڏهن ته سيپٽمبر ۾ جاري کنڊ جي ٽينڊرز جي ٻولي ۾ ڪنهن شگر مل حصو نه ورتو.

يوٽيلٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ پاسڪو کان وٺندا آهيون، ادائيگين جي مسئلن سبب يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جي کوٽ پيدا ٿي پر موجودگي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.