” عمران خان تي به حلف جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان تي غداري جو ڪيس ٿي سگهي ٿو ته وزير اعظم عمران خان تي به حلف جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته قومي احتساب بيورو (نيب) سياستدانن کي دٻائڻ جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي، اسان جي ڪيسن ۾ ڪرپشن جو نه اختيارن جي ناجائز استعمال جو ذڪر آهي.

هن جو چوڻ هو ته نيب هڪطرفو احتساب ڪري رهيو آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ تماشو ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۽ نيب گڏ نٿا هلي سگهن، نيب کي هلايو يا وري پاڪستان کي.

هن وڌيڪ چيو ته هاڻ نيب جا ڪيس پوئتي رهجي ويا آهن، هاڻ ته غداري جي ڪيس پيا بڻجن، رات جي اڍائي وڳي پرچي داخل ڪرائي ويندي آهي، رات جي اونداهي ۾ پاڪستان جي اڌ سياستدانن تي غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن غداري جو ڪيس اسان تي داخل ٿي سگهي ٿو ته حلف جي ڀڃڪڙي جو ڪيس عمران خان تي به داخل ٿي سگهي ٿو، وزير اعظم چوي ٿو ته هو جمهوري آهي، اِها ڳالهه عمران خان کي چوڻ جي ضرور ڇو پيش آئي.

اڳوڻي وزير اعظم وڌيڪ چيو ته اسان جو وزير اعظم بي خبر شخص آهي، هن کي کنڊ ۽ اٽي جي اگهن جي خبر ناهي، عمران خان کي ملڪي معيشت جي ڪا به خبر ناهي، وزير اعظم ايماندار آهي ته ٻيٽن تي قبضا ٿي رهيا آهن، اهڙي ايماندار کان اسان کي پري رکو، اليڪشن ڪڏهن تباهه ڪندڙ ناهي عيندي، موجوده حڪومت کي وڃڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.