موٽر وي ريپ ڪيس جو مرڪزي جوابدار عابد فيصل آباد مان گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) موٽر وي ريپ ڪيس جو مرڪزي جوابدار عابد هڪ مهيني تائين فرار رهڻ بعد فيصل آباد مان گرفتار ٿي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر وي ريپ ڪيس جي مرڪزي جوابدار عابد کي فيصل آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

ان ڪيس ۾ شريڪ ٻيو جوابدار شفقت پهرين ئي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل ۾ آهي، ٻنهي جوابدارن لاهور سيالڪوٽ موٽر وي تي ڦر کان پوءِ عورت سان سندس ٻارن آڏ اجتماعي جنسي زيادتي ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.