اڍائي سالن جي ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ميڊيا آڏو پيش

چارسده(ويب ڊيسڪ) چارسده ۾ اڍائي سالن جي ٻارڙي سان زيادتي ۽ وقت ڪيس ۾ نامزد جوابدار لعل محمد عرف بڊا کي گرفتار ڪري ميڊيا جي آڏو پيش ڪيو ويو.

ان اهم ڪيس ۾ 338 جاين تي پروفائلنگ ڪري 70 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

چارسده ۾ اڍائي سالن جي ٻارڙي کي زيادتي کان پوءِ قتل ڪندڙ جوابدار پڪڙيو ويو. چارسده ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) چارسده محمد شعيب جو چوڻ هو ته جاچ دوران 50 سالن جي لعل محمد عرف بڊا ڏوهه جو اعتراف ڪيو.

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي سڌُ سماءَ بابت مددگار ڪامران بنگش چيو ته پليس جوابدارن کي پڪڙڻ وارو واعدو پورو ڪيو.

ڪامران بنگش ٻڌايو ته واقعي جي ٽئين ڏينهن ئي شڪي جوابدار کي حراست ۾ ورتو ويو هو، جوابدار وٽان قتل جو اوزار ۽ ٻارڙي جو جوتو هٿ ڪيو، اِهو هڪ مڪمل بلائنڊ ڪيس هو.

وفاقي وزير سلطان محمد خان چيو ته هو وڪيل آهي ۽ ضرورت پئي ته استعيفيٰ ڏئي ٻارڙي جو ڪيس وٺنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.