ام رباب چانڊيو وارث قتل ڪيس: چيف جسٽس پاڪستان جي ڊي آءِ جي حيدرآباد کي ڇنڊ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته پوليس جا وڏا وڏا آفيسر جوابدارن جي آڏو بي وس آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ام رباب چانڊيو جي وارثن جي قتل تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم شيخ عدالت ۾ پيش ٿيو.

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد مفرور جوابدارن جي عدم گرفتاري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت ڊي آءِ جي حيدر آباد نعيم شيخ کان ڇنڊ پٽيندي پڇيو ته ڇا توهان پاڻ ڪڏهن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ويا آهيو؟ ان تي نعيم شيخ ٻڌايو ته جاءِ ڏٺي آهي ڪڏهن جوابدارن جي پٺيان ناهيان ويو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جوابدارن جي پٺيان نه وڃڻ ۽ آفيسر ۾ ويهڻ تي توهان کي منهن ڏيون ٿا، ڇا جوابدار پوليس ۽ رياست کان وڌيڪ طاقتور آهن؟ ڇا حيدرآباد پوليس جي سڄي نفري بيڪار آهي؟

جسٽس گلزار احمد چيو ته پوليس آفيسر دفترن کان ٻاهر ئي ناهن نڪرندا ۽ پوليس جا وڏا وڏا آفيسر جوابدارن جي آڏو بي وس آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.