خورشيد شاهه، سندس ٻن زالن ۽ پٽن خلاف حتمي ريفرنس داخل ڪرڻ جي اجازت

سکر(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت نيب کي پ پ اڳواڻ خورشيد خلاف حتمي ريفرنس داخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

سکر جي احتساب عدالت پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ خورشيد شاهه، سندس ٻن زالن، پٽن ۽ ناٺي صوبائي وزير سيد اويس قادر شاهه سميت 18 جوابدارن جي خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ جي الزام ۾ داخل نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جج فريد انور قاضي گذريل ٻڌڻي تي نيب پراسيڪيوٽر جي درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌايو ۽ نيب کي جوابدارن جي خلاف حتمي ريفرنس داخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي جڏهن ته عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.