سوڀوديرو :سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي سڏ تي ٻيٽن تي والار خلاف احتجاج

سوڀوديرو ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز پاران سنڌ جي ٻيٽن ، وسيلن ۽ وحدت خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف اڳوڻي ضلعي رابطه سيڪريٽري لالڻ چنه، شاخ جي سيڪريٽري چيزل ڄامڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ،  احتجاج ۾ مرتضا شيخ ،خادم سومرو ،صابر ملاح ، سخي علي محمد سامٽيو ۽ ٻين اديبن ، شاعرن ۽شهرين شرڪت ڪئي ،احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ  جي ٻيٽن ۽ وسيلن تي ڌارين جو قبضو ٿيڻ نه ڏنو  ويندو ، ٻيٽن جي حوالي سان صدارتي آرڊيننس کي رد ڪريون ٿا .

رپورٽ- اورنگزيب پيرزا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.