حڪومت ايران مان بصر ۽ ٽماٽا درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت بصرن ۽ ٽماٽن جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ايران مان درآمد جي اجازت ڏئي ڇڏي.

نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي ترجمان خانگي ٽي وي چينل کي ٻڌايو ته ٽماٽي ۽ بصر جا اگهه وڌيڪ هئڻ جي ڪري حڪومت ايران مان درآمد جو فيصلو ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ايران مان ٽماٽا ۽ بصر درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ترجمان چيو ته ايران مان ٽماٽا ۽ بصر درآمد ڪرڻ جي هڪ مهيني لاءِ اجازت ڏني وئي آهي ۽ اِهو قدم اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

ترجمان موجب خانگي شعبي کي ٽماٽن جي درآمد جا پرمٽ جاري ڪيا ويا آهن ۽ بصر جي درآمد جو پرمٽ اڄ جاري ٿيندو، درآمد ڪندڙ هڪ مهيني جي لاءِ جيترا چاهن بصر ۽ ٽماٽا درآمد ڪري سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.