قمبر شهر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين جو مظاهرو ،ڌرڻو

قمبر شهر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين پاران مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، احتجاج ڪندڙن  لاڙڪاڻي قمبر روڊ تي احتجاج ڪري  انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، ،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامريڊ اياز ٻرڙو، ايڊوڪيٽ نواب الدين چانڊيو طارق سيال، ۽ ٻين چيو ته قمبر پوليس شهر جو امن ڏوهارين حوالي ڪري پاڻ اگھور ننڊ ستل آهي،  هڪ هفتي اندر موٽر سائيڪلن جون چوريون ۽ ڦرون چوٽ چڙهي ويون آهن،  هنن ڊي آء جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ سميت شهر جو امن بحال ڪرايو وڃي .

رپورٽ- محمود شيخ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.