ڀان سيد آباد ۾ هٿرادو بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڀان سيدآباد گرڊ اسٽيشن مان نڪرندڙ ٻهراڙي فيڊر ٽو تي هٿرادو لوڊشيٽنگ خلاف فيڊر ٽو جي رهواسين پاران ايس ڊي او ڀان جي آفيس جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو . ان موقعي تي ٻهراڙي فيڊر ٽو جي رهواسي ڳوٺاڻن امير بخش خشڪ ، نياز محمد خشڪ ، نويد ۽ ٻين دانهيندي چيو  ته  ايس ڊي او سيپڪو جي هدايتن تي سيپڪو عملي فيڊر ڀان ٽو کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڊي فٽنگ لڳائي آهي جنهن جي ذريعي ٻهراڙي فيڊر جي هڪ حصي جي بجلي ڏينهن جو به  هلي ٿي، هڪ حصي جي ڳوٺن کي 24 ڪلاڪن مان صرف 3 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪئي وڃي ٿي .ڳوٺاڻن سيپڪو چيف سکر کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بجلي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن ڀان شهر ۾ شٽر بند هڙتال  ڪئي ويندي

رپورٽ- آدم مينگل

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.