ڏهرڪي : اغوا ٿيل 2 نوجوانن جي وارثن کان ڌاڙيلن 50لک رپيا ڀنگ گهري ورتو

ڏهرڪي مان 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻن نوجوانن جي وارثن کان ڌاڙيلن 50لک رپيا ڀنگ گهري ورتو، مغوي عابد ڏهر ۽ اڪبر ڪانجو جي وارثن فرمان علي ۽ اصغر ڪانڃو چيو ته عابد ڏهر ۽ اڪبر ڪانڃو جمعي ڏينهن ٻين وڳي گهران نڪتا هئا جن کي پنوعاقل مان ڌاڙيل اغوا ڪري ويا ۽ ۽ هنن رابطو ڪري چيو آهي ته پنجاه لک جو بندوبست ڪريو.

هنن چيو ته هو غريب مسڪين ماڻهو آهن ، روز ڪمائڻ ۽ رز کائڻ وارا آهن، هو ڌاڙيلن جي ڀنگ جا پيسا ڪٿان آڻيندا۔ هنن آء جي ، ڊي آء جي سکر،  ايس ايس پي ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته  مغوي نوجوانن کي بازياب ڪرايو ُوڃي.

رپورٽ-. رمضان پيرزادو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.