شادي تقريب ۾ ڇوڪرين کي ڇيڙڻ کان منع ڪرڻ تي عورت قتل

ساهيوال(ويب ڊيسڪ) ساهيوال ۾ شادي جي هڪ تقريب ۾ ڇوڪرين کي ڇيڙڻ کان منع ڪرڻ تي هڪ شخص فائرنگ ڪري عورت کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب ساهيوال جي ڳوٺ 55 جي ڊي ۾ شادي تقريب جاري هئي ته عورت امينه بيبي نواز نالي شخص جي ڇوڪرين کي ڇيڙڻ کان منع ڪيو.

پوليس موجب جوابدار نواز ڇوڪرين کي ڇيڙڻ کان منع ڪرڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي مائٽياڻي امينه بيبي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو.

پوليس مقتولا امينه بيبي جو لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ۽ ڪيس داخل ڪري جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.