سپريم ڪورٽ وزير اعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ مخصوص سياسي پارٽي جي ونگ جي تقريب ۾ شرڪت تي وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

سپريم ڪورٽ ٻڌڻي هيٺ ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته ايڊووڪيٽ جنرل ڪنونشن سينٽر ۾ ٿيندڙ سياسي اجتماع ۾ ويٺو رهيو ۽ عدالت ۾ پيش نه ٿيو، ايڊووڪيٽ جنرل سڄي صوبي جو هوندو آهي يا ڪنهن سياسي پارٽي جو نمائندو هوندو آهي؟

عدالت چيو ته وزير اعظم پاڪستان سڄي ملڪ جو وزير اعظم هوندو آهي، وزير اعظم ڪنهن پارٽي يا گروپ سان پاڻ کي نٿو جوڙي سگهي.

عدالت خاص سياسي پارٽي جي ونگ ۾ تقريب ۾ شرڪت تي وزير اعظم کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا جڏهن ته اٽارني جنرل پاڪستان کي به معاملي تي سهڪار لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

عدالت وائيس چيئرمين پاڪستان بار ڪونسل، صدر سپريم ڪورٽ بار ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي طلب ڪري ورتو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته معاملو پاڻمرادي نوٽيس لاءِ چيف جسٽس پاڪستان ڏانهن موڪلي رهيا آهيون.

عدالت چيو ته منظر پٺيان وزير اعظم ذاتي حيثيت ۾ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته وزير اعظم سڄي ملڪ مان ووٽ ورتو، هو ڪنهن پارٽي جو نه پاڪستان جو وزير اعظم آهي، سياسي پارٽي جي تقريب لاءِ سرڪاري عمارت ڪنونشن سينٽر جو استعمال ڪيئن ٿيو؟ اسلام آباد جي انتظاميا ٻڌائي ڇا ڪنونشن سينٽر ۾ فيس ادا ڪئي وئي؟

جسٽس قاضي چيو ته ڇا وزير اعظم جو معيار ايترو گهٽ آهي جو هو پاڻ کي هڪ سياسي پارٽي سان سلهاڙي ڇڏي؟ ڇا ڪو جج به ڪنهن سياسي پارٽي جي پينل جو فنڪشن جوائن جوائن ڪري سگهي ٿو؟ ڇا ڪو جج به اهڙي حرڪت ڪري سگهي ٿو، ان تي قانوني معيار ڪهڙو آهي؟

جسٽس قاضي فائز وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب پروفيشنل ذميواريون ادا ڪرڻ بدران هڪ سياسي پارٽي جي تقريب ۾ ويٺل آهي.

ان تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل قاسم چوهان چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب وڪيلن جي تقريب سبب ويو.

عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ پنجاب جنرل قاسم چوهاڻ کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ڇا وزير اعظم وزير اعظم طور پروگرام ۾ شرڪت ڪئي؟ توهان ٻڌايو ڇا وزير اعظم ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ائين ڪرڻ جا مجاز هئا؟ توهان جواب ڏيو ته شايد توهان جي نوڪري هلي وڃي پر قانون نوڪري کان مٿانهون هئڻ گهرجي.

عدالت جي پڇاڻي تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته منهنجي مقرري سياسي طور تي ناهي ٿي، مون تقريب ۾ شرڪت ڪئي نه ئي ويڊيو ڏٺي ان ڪري راءِ نٿو ڏئي سگهان.

جسٽس قاضي فائز ريمارڪس ڏنا ته ڇا ڪو آئيني عهديدار رياست جي وسيلن جو غلط استعمال ڪري سگهي ٿو؟ ڇا اسلامڪ ري پبلڪ آف پاڪستان ۾ ائين ٿي سگهي ٿو؟

معزز جج ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سان مڪالمو ڪيو ته توهان پنهنجي راءِ ڏيڻ کان پاسيرا آهيو، قرآن ۾ آهي ته گواهي ڏيو پوءِ ڀلي اُها توهان جي والدين جي خلاف ئي ڇو نه هجي.

ان تي قاسم چوهاڻ چيو ته آئون رڳو پنجاب حڪومت جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان، وزير اعظم جي باري ۾ راءِ نٿو ڏئي سگهان.

عدالت وڌيڪ چيو ته منظر پٺيان ايڊووڪيٽ جنرل صوبي جي مفاد جي دفاع لاءِ اهل ناهي، عدالت جي رهنمائي ڪئي وڃي وزير اعظم اهڙي تقريب ۾ شرڪت ڪري سگهي ٿو؟ ڇا وزير اعظم جو حلف ۽ قانون بابت قلم اهڙي قدم جي اجازت ڏين ٿا؟ ڇا وزير اعظم سرڪاري خرچ تي پرائيويٽ تقريب ۾ شرڪت ڪري سگهي ٿو؟

عدالت اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ اسلام آباد جي انتظاميا کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.