مولانا عادل قتل ڪيس: سنڌ حڪومت جو شيخ رشيد کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني مطالبو ڪيو آهي ته شيخ رشيد کي مولانا عادل قتل ڪيس جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني جو چوڻ هو ته مولانا ڊاڪٽر عادل جي شهادت انتهائي افسوس جوڳي آهي ۽ ان جي هر رخ کان جاچ ٿي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت تي تنقيد ٿي رهي آهي ته مولانا عادل کي سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي پر اِهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته عدالت جي ٿريٽ اسسمنٽ ڪميٽي جي ڪري اسان لاءِ ڏکيائيون آهن، سنڌ جو وڏو وزير به ڪنهن کي سيڪيورٽي فراهم نٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته مولانا عادل پاڻ سيڪيورٽي جي لاءِ نه چيو هو، هن جي پٽ سيڪيورٽي لاءِ چيو هو جنهن تي اسان ڪم ڪري رهيا هئاسين، اِهو به ٻڌائي ڇڏيان ته هڪ ٻئي مولانا صاحب سيڪيورٽي جي لاءِ چيو آهي پر 8 مهينن جي باوجود کيس سيڪيورٽي فراهم ناهيون ڪري سگهيا ڇو ته ٿريٽ اسسمنٽ ڪميٽي ۾ مختلف ادارن جا ماڻهو آهن، هڪ چوي ٿو ته سيڪيورٽي ڏئي ڇڏيو ته ٻيو چوي ٿو نه ڏيو.

سعيد غني جو چوڻ هو ته شيخ رشيد هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته مخالف ڌر جي جلسي جلوسن ۾ ڪورونا پکڙجڻ ۽ دهشتگردي جو خدشو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته شيخ رشيد جي بيان کان پوءِ مولانا عادل تي حملو ٿيو، مطالبو ڪيون ٿا ته مولانا عادل قتل ڪيس ۾ شيخ رشيد کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ معلوم ڪيو وڃي ته هن وٽ ڪهڙن ذريعن کان ڄاڻ اچي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.