سجاول ۾ استاد بسنت ڪمار جي مان ۾ الوداعي تقريب

سجاول ( ڊ ر ) سجاول جي باڪردار ۽ محنتي استاد جي مان ۾ الوداعي تقريب، شاندار لفظن ۾ کيس خراج تحسين پيش ڪري اجرڪون اوڍايون ويون.شھرين طرفان نيڪ خواھشن جو اظھار خبرموجب .سجاول جي مدرسہ سائٽ پرائمري اسڪول ۾ پڙھائيندڙ سينيئر استاد بسنت ڪمار جي ايڇ ايس ٽي ۾ ترقي ٿيڻ بعد اسڪول کي ڇڏڻ تي استادن پاران پروقار الوداعي تقريب منعقد ڪري کيس الوداع ڪيو ويو.مدينہ شادي ھال ۾ منعقد ڪيل سادي تقريب ۾ استادن پاران کيس شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ويو.ان موقعي تي پ ٽ الف سجاول جي اڳوڻي صدر محمد عمر ميمڻ، ۽ ٻين چيو ته سائين بسنت ڪمار جي ايڇ ايس ٽي ۾  ترقي ڪرڻ اسان لاءِ خوشي جو سبب آھي تہ ٻئي پاسي سندس اسڪول کي الوداع ڪرڻ تي پوري اسڪول جا استاد ۽ شاگردن ۾ ڏک واري ڪيفيت ڇانيل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.