سکر ۾ اروڙ واسين جو حملي خلاف احتجاج

سکر (رپورٽر) روهڙي جي علائقي اروڙ جي رهواسين جو زمين تي قبضي ۽ حملي خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،ان موقعي تي غلام مرتضي بانگو،نسيم بيگم،عطاءالله،يوسف ۽ ٻين چيو ته اسان جي 200 ايڪڙ زمين تي چاچن عبدالرشيد بانگو سندس پٽ راجه،وقار،نثار ۽ ٻين قبضو ڪيو آهي ۽ ڪجھ ڏينهن اڳ مون کي اغوا به ڪيو ويو هو۽ هاڻي اسان جي گهر تي حملو ڪري منهنجي مامن راجه شيخ ۽ نور حسن شيخ کي فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي جيڪي سول اسپتال سکر ۾ داخل آهن،هنن چيو ته حملو ڪندڙن خلاف پٽڻي ٿاڻي تي ڪيس به داخل آهي پر جوابدار بااثر هجڻ ڪري پوليس انهن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي،هنن ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته اسان جي زمين تي قبضو ۽ حملو ڪندڙجوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.