نوابشاهه ۾ نوجوان ستن سالن کان بستري تي پيل

نوابشاهه ( ڊ ر ) نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ غلام حسين مغيري ۾ 20 سالن جو نوجوان بلاول ولد ھارون مغيري گذريل ستن سالن کان دماغ جي رڳن ۽ سنڌن جي بيماري ۾ مبتلا ھجڻ جي ڪري بستري تي پيل آھي، نوجوان شاگرد بلاول مغيري ڏھين جماعت پاس ڪرڻ کانپوءِ دماغ جي رڳن ۽ سنڌن جي بيماري سبب ھلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آهي، مائٽن پاران گھر جو الھه تلھه وکڻي نوجوان جو نوابشاهه جي مختلف ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ جي باوجود ھن وقت تائين ٺيڪ نه ٿي سگھيو آھي، جڏھن ته نوجوان مالي سهائتا نه ٿيڻ ڪري مايوس ٿي گھر ۾ ڪڪڙ، ڪبوتر ۽ سيھڙ (خرگوش) کپائي پنھنجو علاج ڪرائي ٿو، ان سلسلي ۾ بيمار نوجوان جي مامي فقير علي حيدر مغيري ٻڌايو ته اسان پنھنجي وس آهر گھر جو الھه تلھه کپائي نوجوان جو علاج ڪرايو ليڪن اڃان تائين ٺيڪ نه ٿي سگھيو آھي، ھن چيو ته نوجوان جي امڙ فوت ٿي وئي آهي،پي پيرسن اٿس ڀاءُ ھوٽل تي مزدوري ڪري پنھنجو گذر سفر ڪري ٿو، جڏھن ته ڊاڪٽرن مطابق نوجوان جي علاج تي 8 کان 10 لک روپيا خرچ ايندو، ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جي مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن نوجوان جي زندگي بچي سگھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.