دنيا ۾ اڍائي ارب ماڻهو نفسياتي مريض آهن:نفسياتي ماهر

سکر(رپورٽر) مينٽل هيلٿ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڊيپارٽمنٽ  آف مينٽل هيلٿ خيرپور جي انچارج ڊاڪٽر هريش  ڪمار ماکيجا  سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دنيا ۾ اڍائي ارب کان وڌيڪ ماڻھو نفسياتي مريض آھن پاڪستا۾ به اھڙي مرضن جو انگ روزانو وڌي رھيو آھي جنھن بابت مهم آگاھي جي سخت ضرورت آھي هن ٻڌايو ته اھڙي قسم جي بيماري جي پريشر ، خوف ۽ بيروزگاري سبب پيدا  ٿئي ٿي ھتي ماڻھو علاج ڪرائڻ کان لنوائي رھيا آھن  بروقت علاج نه ڪرائڻ سان ذھني مريض وڌيڪ نقصان جو سبب بڻجي ٿو ، ڪجھ خاندان بدنامي جي ڊپ کان به مريضن جو علاج ڄاڻي واڻي  نه ٿا ڪرائن جيڪو  عمل غلط آھي  ذھني بيماري تي ضابطي لاء سول سوسائٽي جي هر فرد کي  ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.