نوابشاهه ۾ رنگ بال ايسو سي ايشن سنڌ جي گڏجاڻي ٿي گذري

نوابشاهه(ڊ ر) بلاول اسٽيڊيم ۾ رنگ بال ايسو سي ايشن سنڌ جي گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ پوري سنڌ مان 6 ڊويزن جي نمائندن شرڪت ڪئي ان سان گڏ رنگ بال فيڊريشن جي مرڪزي صدر محمد اجمل، جنرل سيڪريٽري رشيد گل، نوابشاهه ڊويزل صدر لال چند، حيدرآباد ڊويزنل جو صدر ذوالفقار سهتو ۽ ڪراچي ڊويزنل صدر ساجد حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي .

نصيرآباد ۾ شھري اتحاد جي حلف برداري تقريب، ماڻهو وڏي انگ ۾شريڪ

نصيرآباد (ن ع آ )  نصيرآباد شھري اتحاد پاران حلف کڻڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي نون چونڊيل عھديدارن صدر : معشوق علي ڦلپوٽو، سينيئر نائب صدر : سينگار نوناري، نائب صدر :ايڊووڪيٽ عنايت تنيو، جنرل سيڪريٽري : محمد حسن بازري ،ڊپٽي جنرل سيڪريٽري :ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري :بخت علي جتوئي، خزانچي :عبدالوهاب ڳنواس، پريس سيڪريٽري : رياض ڦلپوٽو کي  حلف کڻايو ويو ،ان موقعي تي چونڊيل اڳواڻن ان عزم کي ورجايو ته شھري اتحاد پنھنجي روايتن کي قائم رکندي شھر اھم مسئلن، بجلي، پاڻي ،گئس ،صفائي ۽ امن و امان جي بحالي لاءِ پنھنجي جدوجهد جاري رکندو..

حميد سنڌي روح رهاڻ رسالي ذريعي جاڳرتا پيدا ڪئي: امداد حسيني

حيدرآباد (پ ر) ون يونٽ جي زماني ۾ حميد سنڌي  روح رھاڻ  رسالي  ذريعي قومي جاڳرتا پيدا ڪري آواز اٿاريو، جڏھن سنڌ چوڻ ڏوهه ھيو تڏهن حميد سنڌي قلم جو جهنڊو ھٿ کنيو، ھو ھميشہ زندھ رھندو اھڙو اظهار نامياري شاعر امداد حسيني بزم روح رھاڻ جي باني حميد سنڌي جي 81ھين سالگرهه جي موقعي تي ڪوٺايل ھڪ پر وقار تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. سالگرهه تقريب حيدرآباد ۾ حميد سنڌي جي گھر ۾ رکي وئي، جنهن ۾ شاعرن ۽ اديبن حميد سنڌي جي شخصيت، فن، ۽ ادبي پورھئي تي لفظن جي ڀيٽا ڏني، امد حسيني وڌيڪ چيو ته سنڌي ادبي سنگت جو به ڪجهه ڏينهن حميد سنڌي سيڪريٽري جنرل رھيو، ھتي اچون ٿا حميد سنڌي ياد ٿو اچي، ھو حميد سنڌي جو ذڪر ڪندي روئڻھارڪو ٿي ويو، ويھڪ جي صدارت ڪندي نياز پنھور چيو ته بزم روح رھاڻ جي ادبي فڪري ويھڪن ۾ھزارن جي تعداد ۾ڪيسٽون رڪارڊ ٿيل آهن، انھن کي ڊجيٽلائيز ڪري ترتيب وار يوٽيوب تي شيئر ڪري سگهجي ٿو، حميد سنڌي سنڌي ادب جو اڻمول ڪردار  ھو ڪڏھن به وسرڻو ناھي، نامياري شاعر ادل سومرو چيو ته جڏهن لطيف يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ھيو سڀني سان مانائتي انداز سان ملندو ھو، ھن جي مزاج ۾ ڪا تبديلي نه آئي، سنڌي ادب جي دنيا جو نرالو ڪردار ھو، نصير مرزا چيو آهي ته منهنجي اعزار آهي ته مونکي پاڻ پنهنجي حياتي ۾ ادبي وارث ڪري ويو، ھن جا ڪتاب ترتيب ڏنا، قاضي خادم چيو آهي ته  حميد سنڌي جون يادگيريون اسان جو وڏو اثاثو آهن، جن کي پيا سنڀاليند ارھندا سين، تقريب کي حميد سنڌي  جي ڀاءُ شمس الحق ميمڻ، نذير ناز، محبوب ڀٽي،سليم چنا، محسن جويو، ادريس جتوئي، روشن سندر چانڊيو، نذير ملڪاڻي، طالب ڀنڀرو، علي نواز پلي ۽ ٻين خطاب ڪيو، تقريب ۾ ممتاز بخاري، ماھتاب محبوب جي نياڻي زمر محبوب، ع ق شيخ جي نياڻي نجمه شيخ، سائين حميد سنڌي جي ڀيڻ نجمه، يوسف جويو ،فھيم نوناري ،چيتن ميگهواڙ ،مولا بخش محبتي، عظمت الله ڪنڀر۽ حميد سنڌي جي پوٽي محمد سلمان سميت شاعرن اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سنڌ ۾ پ پ 13 سالن تائين حڪمراني ڪئي آھي: خرم شير زمان

ملير (ڊ.ر) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر ايم پي اي خرم شير زمان چيو آھي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ 13 سالن تائين حڪمراني ڪئي آھي پر ملير سميت سڄي سنڌ کنڊر ۾ تبديل ٿيل آھي، سنڌ جا ماڻھون پيئڻ جي صاف پاڻي, تعليم ۽ صحت سميت سمورين بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آھن, ملير جي اسٽيل ٽائون موڙ لڳ پي ٽي آءِ جي ضلعي آفيس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي خرم شير زمان وڌيڪ چيو ته پ پ جا وزير، ايم پي ايز ۽ ضلعي چيئرمين ڪرپشن ڪري ڪک پتي مان لک پتي ۽ ڪروڙ پتي بڻجي ويا آھن عوام بک ۽ بدحالي جو شڪار آھي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻھن هميشه پ پ کي ووٽ ڏيئي آزمايو آھي پر هن ڀيري سنڌ جي عوام پ پ کي رد ڪندي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏئي ڪامياب بڻائي، هن چيو ته ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ وڏي اڪٽريت سان ڪاميابي ماڻيندي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ميئر پي ٽي آء جا ٿيندا ۽ ايندڙ وڏو وزير به تحريڪ انصاف جو هوندو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ ملير جي صدر قادر بخش ڪلمتي چيو ته ملير ۾ پ پ جي تڏا ويڙھه ٿي چڪي آھي، ڪرپشن سبب ملير جي ماڻھن پ پ کي رد ڪري ڇڏيو آھي. ايندڙ وقت پي ٽي آءِ جو آھي، عوام جون نظرون هاڻ پي ٽي آءِ ۾ آھن. قادر بخش ڪلمتي چيو ته پپلز پارٽي ملير کي رڳو ڪمائي جو ذريعو بڻايو آھي، اربين رپيا بجيٽ ھجڻ باوجود ملير جي عوام پيئڻ جي پاڻي، بجلي، گئس، تعليم، صحت، روڊ رستن ۽ سوريج جي سهولت کان محروم آھي. تقريب کي پي ٽي آءِ ايم اين اي ڪيپٽن ر جميل احمد، ڊاڪٽر مسرور سيال، معيز بلوچ، سليم جوکيو، مصري خان بگٽي، عمبرين سيٺي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.