جان محمد سوسائٽي جي مسئلن خلاف جدوجهد جو اعلان

جان محمد سوسائٽي (ن ع آ )چونڊيل نمائندن جي ڪيترن ئي سالن جي خاموشي ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ۽ بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ ڪري  يوسي ڀيٽور ۽ يوسي قاضي بادل مھر جي مختلف ڳوٺن وڌڻ مھر  شريف مھر،ملڻ مھر، راضو مھر سميت تقريبن ويھن 20 ڳوٺن ۾ بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ ڪري ، نوجوانن ڳوٺ آندل مھر ۾ بنيادي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ حل لاء (جاکوڙي سٿ تنظيم) جو بنياد وڌو ويو ،ڳوٺ آندل مھر ۾ بنيادي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ حل لاء گڏجاڻي رکي ويئي، گڏجاڻي ۾ مختلف ڳوٺن جي نوجوانن شرڪت ڪئي (جاکوڙي سٿ تنظيم) جو بنياد وڌو ويو جنهن جا سرپرست امان الله مھر ،چيئرميـن حزب الله مھر، وائيس چيئرمين محمد صالح مھر ، جنرل سيڪريٽري راھي جميل احمد،ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عرض محمد ،فنانس سيڪريٽري سجاد گل مھر ، عارف مھر رابطا سيڪريٽري ھدايت الله مھر ، پريس سيڪريٽري بشير رضا مھر کي  مقرر ڪيو ويو،ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي  چيو ته اسان جي جاکوڙي سٿ تنظيم جو مقصد اسان جي علائقي جي درپيش مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سميت مسئلن جي حل لاء ڪوشش ڪبي، اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسين ھن جديد دؤر ۾ به پٿر واري دور واري زندگي گذاري رھيا آهيون، توڙي جو اسين ووٽ جو حق به استعمال ڪريون ٿا، پر بدلي ۾ اسان کي صرف آسرا مليا آهن . اڳواڻن بنيادي سھولتون نه ملڻ خلاف 16 آڪٽوبر  تي جان محمد سوسائٽي کان خانپور مھر پريس ڪلب تائين موٽر سائيڪل ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،جنھن ۾ علائقي واسي ڀرپور شرڪت ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.