سجاول ضلعي ۾ورهين کان ترقياتي ڪم نه ٿيا، شهر کنڊرن جو ڏيک لڳڻ لڳا

سجاول (رپورٽ : امتياز سومرو ) سجاول ضلعي جي چئن ئي تعلقن سجاول، ميرپوربٺورو، جاتي ۽ شاهبندر جي ننڍن وڏن شهرن ۾سنڌ سرڪار جي عدم دلچسپي سبب سالن کان ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ڪري شهرن جا روڊ رستا ۽ ڊينيج نظام مڪمل طور تي تباھه ٿي وڃڻ ڪري ضلعي سجاول جا سمورا ننڍا وڏا شهر کنڊرات ۾ تبديل ٿيڻ لڳا آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران ضلعي سجاول جي سمورن تعلقن ۾ ترقياتي ڪمن جي مد ۽ شهرن ۾ صفائي سٿرائي جي بحالي لاءِ هر مهيني مڪاني کاتي ذريعي ٽائون ڪاميٽين کي ڪروڙين رپيا جاري ڪيا وڃن ٿا پر شهرن جي ڀلائي ۽ ترقياتي ڪمن تي ٽڪو به خرچ نٿو ڪيو وڃي نه ئي ڪو ترقياتي ڪم ڪرايو ٿو وڃي، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽين کي ملندڙ ماهوار ڪروڙين رپيا مبنا طور نالي ماتر شهرن جي صفائي  ۽ ضلعي جي سمورين ٽائون ڪاميٽين ۾ وڏي تعداد ۾ سياسي سفارشن تي ڀرتي ٿيل  سفيد پوش ملازمن کي پگهارون ذريعي ڏئي باقي بچيل رقم ڪوڙا ووچر ٺاهي هڙپ ڪئي وڃي ٿي.

ڪامورا ۽ چونڊيل نمائندا پنهنجا پيٽ ڀري رهيا آهن: شهري

سجاول : سجاول ضلعي جي چئن ئي تعلقن ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ شهرن اندر وڌندڙ گندگي جي آزار بابت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سنڌ ترقي پسند پارٽي  ضلعي سجاول جي صدر عبدالغني ملاح عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ترقياتي ڪمن ۽ شهرن جي صفائي لاءِ سنڌ سرڪار پاران ماهوار ڪروڙين روپيا جاري ڪيا وڃن ٿين ٿا ليڪن شهرن جي ڀلائي تي ٽڪو به خرچ نٿو ٿئي، سمورن شهرن جي حالت بدتر بڻجي وئي آهي، ٽائون ڪاميٽين تي مقرر ڪيل مڪاني کاتن جا ڪامورا پنهنجو ۽ حڪومتي ڌر سان لاڳاپيل چونڊيل نمائندن جا پيٽ ڀري رهيا آهن،  عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي اڳواڻ ساگر مجيد پرهياڙ چيو ته شهرن ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، ضلعي سجاول جي پنجن ئي ٽائون ڪاميٽين تي مقرر ڪيل ٽائون آفيسرن شهر جي ترقيءَ لاءِ ايندڙ ماهوار ڪروڙين روپيا مال غنيمت سمجهي هڙپ ڪري رهيا آهن، ڪرپٽ ڪامورن جو ڪو به احتساب نٿو ڪيو وڃي، نوجوان اتحاد جي اڳواڻ عامر ميمڻ چيو ته سالن کان شهرن اندر ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿيا آهن جنهن ڪري ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر شهر سجاول سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن جا روڊ رستا، گٽر نالا ۽ گهٽيون تباھ ٿي ويون آهن، عوام ۽ شهرن جي ترقيءَ لاءِ حڪومت پاران ماهوار جاري ٿيندڙ رقم صرف ڪرپشن ذريعي هڙپ ڪئي پئي وڃي، جيئي سنڌ تحريڪ ضلعي سجاول جي اڳواڻ قادر بخش زئور چيو ته شهرن جي ترقياتي رٿائن لاءِ ماهوار ايندڙ بجيٽ هڙپ ڪندڙ ڪرپٽ ڪامورن جو احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ شهرن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ۽ شهرن ۾ وڌندڙ گندگين جو آزار ختم ڪرائي عوام کي پرسڪون ماحول ڏنو وڃي.

پنجن ٽائون ڪاميٽين جي ساڍا چار ڪروڙ رپيا ماهوار بجيٽ

سجاول : ضلعي سجاول جي پنجن ئي ٽائون ڪاميٽين کي سنڌ سرڪار پاران لڳ ڀڳ ماهوار ساڍا چار ڪروڙ رپيا جاري ڪيا وڃن ٿا، جن مان بجيٽ جو وڏو حصو ٽائون ملازمن جي پگهارن تي خرچ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته باقي بچيل رقم ڪانٽي جينسي جي ٺهيل بلن، ٽائون ڪاميٽين جي گاڏين ۾تيل ۽ مختلف  بلن ذريعي ڪڍي وڃي ٿي، جڏهن ته بلن جي آڊٽ لاءِ ڄاڻايل آفيسرن کي حساب ڪتاب ڏئي راضي ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته ماهوار ٿيندڙ ايڏي وڏي ڪرپشن مان احتسابي ادارن کي پڻ حصو پتي ڏنو ويندو آهي، جنهن ڪري شهرن جي ڀلائي لاءِ ايندڙ رقم آساني سان تين وال ڪئي ويندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.