گهوٽڪي ۾ ڳوٺاڻن جو حملي آورن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ عادلپور پوليس حملي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار نه پئي ڪري ، پوليس جي سستي سبب جوابدار ڌر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء ڌمڪائي رهي آهي چاچڙ برادري جي ماڻهن جو گهوٽڪي ۾ احتجاجي مظآهرو جوابدارن جي فوري گرفتاري ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو ويوخبر موجب ڳوٺ وريام چاچڙ جي رھواسين پيرسن پيراڻو چاچڙ، عبدالحميد چاچڙ، امداد علي ، لياقت علي ، محمد رمضان، رفيق چاچڙ ۽ ٻين پريس ڪلب گهوٽڪي پهچي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ،هنن الزام هڻندي چيو تہ چاچڙ برادري جي بااثرن شبير چاچڙ مختيار چاچر،ممتاز ء غلام نبي چاچڙ  ٽي ڏينھن پھريان حاضري تان موٽندڙ پيراڻو چاچڙ مٿان حملو ڪري کيس ڪھاڙين جا وار ڪري سخت زخمي ڪيو هو،ھنن ٻڌايو تہ بااثر ھنن سان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ظلم ء زياتيون ڪندا اچن پيا جن جا ھنن مٿان عادلپور ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ٿيل آھن پر عادلپور پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي ،احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن چيو تہ پيراڻو چاچڙ کي حملي م زخمي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران عادلپور پوليس کين حراسان ڪري رھي آھي، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان نوٽيس وٺي جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ آڻي ۽ تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.