پيرونمل ويجهو ڳوٺ ۾ بيٺل برساتي پاڻي جو نوٽيس

پيرونمل (ن ع آ)پيرونمل ويجھو ڳوٺ سعيد علي بگٽي ڳوٺ دلمراد خاصخيلي ڳوٺ علي محمد خاصخيلي ڳوٺ نچو بگٽي ڳوٺ استادغلام مصطفي بگٽي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ بيٺل برساتي پاڻي جون عوامي آواز  ۾ خبرون نشر ٿيڻ کان پوءِ پ پ ايم اين اي شازيه عطا مري نوٽيس ورتو ۽ سابق يوسي ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر حاجي محمد ايوب وساڻ کي متاثر ڳوٺن جي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون جنھن جي سهڪار سان ڳوٺن جو پاڻي نيڪال ٿي رهيو آھي ان حوالي سان ڳوٺاڻن سعيد علي بگٽي، استاد غلام مصطفيٰ بگٽي، بگو خاصخيلي، نچو بگٽي ۽ ٻين ڳوٺاڻن عوامي آواز جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسين بي حد شڪر گذار آھيون عوامي آواز جي پوري سٿ جا ۽ انھن جي ورڪرن جا جن جي ذريعي هن ڏکي گھڙي ۾ اسان جو آواز اعلي ايوانن ۽ چونڊيل نمائيندن تائين پھچايو ۽ اسان کي بيھد خوشي ٿي رهي آھي.  جو اڄ اسان جي ڳوٺن جو پاڻي نيڪال ٿي رهيو آھي ۽ اسين وري پنھنجن ٻچن ۾ پنھنجي ساڳي ڪکن ۾ وڃي آباد ٿينداسين ان موقعي تي ڊسٽرڪ ڪائونسلر بھرم بري حاجي محمد ايوب وساڻ ڳالھائيندي چيو ته پ پ ايم اين اي شازيه عطا مري ٻوڏ متاثر علائقا وزٽ ڪيا جنھن بعد هن فوري طور حڪم جاري ڪيو تو مٿين متاثر علائقن جو پاڻي جلد از جلد نيڪال ڪرايو وڃي ۽ اسان کي ڊيزل ۽ مشينري ڏني وئي جيڪا اسان متاثر علائقن ۾ لڳائي پاڻي نيڪالي جو ڪم شروع ڪيو آھي ۽ اميد آھي ته اڳتي به ائين بيوس ۽ مجبور ماڻھن جي وس آھر خدمت ڪندا رهنداسين.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.