مٺي ۾ ماسترياڻي تي حملي جو ڪيس داخل نه ٿيو

مٺي (بيوروچيف) مٺي تعلقي جي ڳوٺ نيڻي سر ۾ اسڪول ويندڙ ٽيچر (ر) ميگهواڙ  تي حملي ۽ حراسان ڪرڻ جي ڪوشش واري واقعي ۾ گرفتار جوابدار پرويز حجام مٿان تعليم کاتي جي مقامي آفيسرن جي عدم دلچسپي سبب  ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. جوابدار گذريل ڏينهن کان وٺي مٺي ٿاڻي تي گرفتار ٿيل آھي. ان ڏس ۾ ڊي ايس پي مٺي حاجي رشيد هارون سرائي ۽ ايس ايڇ او مٺي ماجد ڪي ڪي رابطو ڪرڻ تي چيو آھي ته اسان متاثر ماسترياڻي جي پيش آيل واقعي بابت بيان ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن جي ايس ايس پي کي ڪارروائي لاءِ ڏنل درخواست جي بنياد تي الزام هيٺ آيل جوابدار پرويز حجام کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.