آريجن ۾ غريب عورتن جو وظيفي لاءِ احتجاج

خير محمد آريجا (ن ع آ) خير محمد آريجا نئين گڏ پنجوديرو مٺو شيخ جهنڊو سهڙو ابوصمد تونيو قلندرآباد محمد واهڻ ڪجلپور ۽ ٻين ڳوٺن جون عورتون ياسمين سولنگي نظيره خاتون وزيره خاتون اقبال خاتون مريم خاتون صبحان خاتون عابده خاتون حميده خاتون ۽ ٻين مستحق بيواھ مسڪين عورتن جو آريجا پريس آڏو احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته حڪومت طرفان اسان کي هر 3 مهيني بيآءِ ايس پي طرفان قسط ملندي هئي گذريل 6 مهينن کان اسان کي قسط نه ٿي ڏني وئي آهي اسين هن مهنگائي جو دور سخت پريشاني جو شڪار آهيون اسين قسط ملڻ جي آسري تي اوڌر کڻي گهر جون ڪجھ هلڪيون ڦلڪيون ضرورتون پوريون ڪيون آهن پر بي آءِ ايس پي وارا قسط ملڻ جا ڪوڙا ڏٽا ۽ آسرا ڏئي رهندو اسانکي پريشاني ۾ مبتلا ڪري وڌو اٿن اسين سخت پريشان آهيون مهنگائي جي هن دور گذر سفر تمام ڏکيو ٿي ويو آهي ٿورو گهڻو اسان کي قسط ملڻ جو آسرو هوندو هو قسط نه ملڻ جي ڪري اسان سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.  ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورتن بي آءِ ايس پي جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي قسط جاري ڪري اسان مستحق بيواھ مسڪينن عورتن مان بيچيني دور ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.