گهوٽڪي ۾ ٻالڪ سنگت پاران تقريب، ڪيڪ ڪاٽيو ويو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ٻالڪ سنگت پاران پاران گهوٽڪي ۾ ٻالڪ تقريب ڪوٺائي وئي , ٻالڪ تقريب ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي , ان موقعي ته ٻالڪ تقريب ۾ سماجي اڳواڻ ۽ نوجوان صحافي جميل مهر جي نياڻي وحيده مهر جي 10 هين سالگرھ تقريب ٻالڪ سنگت آفيس ۾ ملهائي وئي ، سالگرھ تقريب ۾ مختلف سياسي ، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين آزاد مهر  ، يونس ڀٽو  ، جميل مهر ,  پنڃارام هوتواڻي  , رانا ڪاشف ,  محمد عثمان سومرو , عرفان سومرو , اسد مير چاچڙ , سارنگ ڪلادي , عطاء الله گهوٽو , سرويچ ڪلادي , ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، ان موقعي  ته سالگرھ تقريب ۾  4 پائونڊ جو ڪيڪ سڀني گڏجي ڪري ڪاٽيو , ان موقعي ته ٻالڪ تقريب ۾ آزاد مهر , يونس ڀٽو , پنڃارا رام هوتواڻي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ٻالڪ ئي سنڌ جي سونهن آهن , اسان کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن جي تعليم تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيون.

گهوٽڪي واسين کي پل جي رٿا ڏيڻ تي بلاول جو ٿورائتو آهيان:بابر لنڊ

ميرپور ماٿيلو (ن ع آ) پ پ پ ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير بابر علي خان لنڊ چيو آهي ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ جو ٿورائتو آهيان جن گهوٽڪي ۽ ڪنڌ ڪوٽ پُل ڏني، جنهن سان ٻنهي ضلعن جي عوام کي تمام بهترين فائدو ٿيندو، ۽ ڪافي وقت جي بچت ٿي پوندي، ۽ ڪاروبار ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ پُل ٺهڻ سبب پوري علائقي جي عوام خوشحال ٿيندي، ۽ ڪاروبار ۾ به سٺو اضافو ٿيندو، سنڌ حڪومت جو اهڙو قدم ساراھ جوڳو آهي ۽ حڪومت عوام دوست فيصلو ڪيو آهي، هن پُل جي ٺهڻ سان 151 ڪلو ميٽر مان گهٽجي صرف 30 ڪلو ميٽر جو فاصلو ٿيندو، جنهن سان عوام کي سٺو فائدو ٿيندو، ۽ ٽائيم به بچي ويندو.

لمس ۾ پرو وائيس چانسلر اڪرام دين اڄڻ ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي: ذوالفقار ملاح

حيدرآباد(رپورٽر) ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي پريس ترجمان ذوالفقار ملاح چيو آهي ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي آف هيلٿ اينڊ ميڊيڪل سائنسز ڄامشورو جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر اڪرام دين اڄڻ لمس ڄامشورو ۾ ماضي جي آفيسرن طرفان خراب ڪيل ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. اڪرام دين اڄڻ يونيورسٽي کي ڪرپشن کان صاف ڪندي گذريل دور جي آفيسر شاهي جي اڪرباپروري کي هميشه جي لاءِ ختم ڪندي يونيورسٽي ملازمن سان انصاف ڪندي کين بنيادي سهولتون ڏيڻ ۾ عمل پيرا آهي پروفيسر اڪرام دين اڄڻ جي زير نگراني ۾ سڄي سنڌ ۾ هلندڙ ڊائگنوٽڪس ريسرچ ليبارٽري ۾ غريب عوام جي سهولتن خاطر سمورين ٽيسٽن جي سهولت موجود آهي جنهن کي روزانه بيسڪ تي خود پاڻ مانيٽر ڪندا آهن ته جيئن ڪو به ماڻهو ڊائگنوٽڪس ريسرچ ليبارٽرين ۾ سهولتن کان محروم نه ٿئي پروفيسر اڪرام دين اڄڻ سنڌ اندر جتي بهترين شاگرد پيدا ڪيا آهن اتي غريبن جي خدمت ڪرڻ ۾ سڀني کان اڳڀرو ڏسڻ ۾ ايندو آهي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جيڪڏهن پروفيسر اڪرام دين اڄڻ جهڙا فرض شناس اعلي درجي جا انسان هوندا ته سنڌ تعليم جي ميدان ۾ ترقي ڪندي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪندي دنيا جي سڌريل تعليم يافتہ ملڪن جي قطار ۾ بيهندي.17

سکر ۾ جي يو آءِ رٿيل ڪنوينشن ملتوي ڪري ڇڏيو

سکر( رپورٽر) ڪراچي ۾ ناليواري عالم دين مولانا عادل خان جي شھادت وارو معاملو، جميعت علماءِ اسلام سٽي پاران سکر ۾ رٿيل ڪنوينشن ملتوي ڪيو ويو، مفتي سعودافضل ھاليجوي جي صدارت ھيٺ وحدت سنڌ ڪنوينشن ڪلچرل ھال سکر ۾ اڄ رٿيل ھو جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد محمود سومرو ڪنوينشن ملتوي ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو خبرموجب جمعيت علما۽اسلام سٽي سکرجو ھنگامي۽ تعزيتي اجلاس مھراڻ ھال سکر۾ زير صدارت مفتي سعودافضل ھاليجوي جي منعقده ٿيو جنھن ۾ مولانامفتي قمرالدين ملاڻو مولانا،مولابخش مھر مفتي اعظم مھر قاري جميل احمد مولانا مسعود احمد ٽانوري قاري محمد اسماعيل چوھاڻ سميت ٻين عھديدارن شرڪت ڪئي ان موقعي تي جي يو آءِ سٽي سکر جي امير مفتي سعود افضل ھاليجوي اجلاس کي خطاب ڪندي چيوته ملڪ ۾بدامني وڌندي پئي وڃي ھڪ سازش تحت مذھبي علما۽ اڪرامن کي ٽارگيٽ ڪري شھيد ڪيو پيو وڃي. جنھن جي اسان مذمت ڪيون ٿا مولانا ڊاڪٽرعادل خان جي شھادت تي دلي صدمو پھتوآھي ھوھڪ عظيم انسان ھو جنھن کي بيگناھ شھيد ڪيوويو ھن چيوته مولاناعادل خان جي قاتلن کي گرفتارڪري ڪيفرڪردارتائين  پھچايووڃي واقعي جي جي يوآ۽ شديد مذمت ڪري ٿي آخر۾ شھيدٿي ويل مولاناعادل خان جي لا۽ مغفرت جي دعاگھري وئي.

مبارڪپور لڳ ڳوٺاڻي جو هٿ ڪتر مشين ۾ اچي ڪٽجي ويو

مبارڪپور ( ن ع آ) مبارڪپور ڀرسان همراه جو هٿ ڪتر مشين ۾ اچي ويو ، زخمي حالت ۾ اسپتال آندو ويو. خبر موجب مبارڪپو    ڳوٺ حاجي ميھار خان  شر ۾ ڪتر ڪندي علي شير جو هٿ ڪتر  مشين ۾ اچي ويو ، گهر ڀاتين زخمي حالت ۾ کي علاج لاءِ مبارڪپور اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر پاران فرسٽ ايڊ ڏئي وڌيڪ علاج لاءِ جيڪب آباد موڪلي ڇڏيو.

پني عاقل ۾ آبادگارن ۽ هارين جو احتجاج ڪرڻ جو اعلان

پنوعاقل (ن ع آ)پنوعاقل ھاري بچايو احتجاج ڪرڻ جو اعلان،اڱاري ڏينھن پنوعاقل جي سوين ھارين زميدارن پاران زراعت جي تباھي واري  صورتحال جعلي دوائون جعلي ڀاڻ جعلي ٻج جعلي ڪمپنيون ۽ غير تجربيڪار ملازم ايف  او  ۽ ايس او ايگري ڪلچر جي بااعليٰ آفيسرن جي ملي ڀڳت خلاف وڌندڙ مسئلن جو پرچو ھينڊ پمفليٽ ورھائيندي ھارين احتجاج جو سڏ ڏنو آھي،جيڪو اڱاري ڏينھن تعلقي جي 60 ڳوٺن کان سوين ماڻھن جي ريلي  پنوعاقل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

پ پ ميروخان پاران ڪراچي جي جلسي ۾ڀرپور شرڪت جو اعلان

ميروخان ( ت ر) پيپلزپارٽي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو تنظيمي اجلاس ضلعي صدر حاجي قمرالدين گوپانگ جي صدارت هيٺ ميروخان ۾ ٿي گذريو ۔ اجلاس ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري محمد پنهل سومرو ۔ نياز چانڊيو ۔ فريال بروهي سميت ضلعي جي ستن تعلقن ۔ سٽيز سميت ليڊيز ونگ ۽ ذيلي تنظيم جي مقرر ٿيل عهديدارن شرڪت ڪئي ۔ جڏهن ته اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز پارٽي ضلعي صدر حاجي قمرالدين گوپانگ جنرل سيڪريٽري محمد پنهل سومرو ٻين چيو ته اجلاس جو مقصد 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاء  تياري ڪري ڀرپور شرڪت ڪرڻ آهي ۔ ۽ انشاء الله قمبر شهدادڪوٽ ضلعي مان سوين گاڏين جو قافلو هزارين ماڻهو کڻي ڪراچي پهچندو ۽ 18 آڪٽوبر وارو جلسو تبديلي سرڪار جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيندو ۔ هنن وڌيڪ چيو ته عمران خان ملڪي تاريخ جو نااهل وزيراعظم آهي جنهن عوام کي سهولتون ڏيڻ بدران رڳو تڪليفون ڏنيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.