جروار لڳ هاشم فقير جي ميلي جون تقريبون

جروار (ن ع آ) جروار لڳ ڳوٺ ميرخان گبول ۾ ھاشم فقير جو ساليانو ميلو وڏي عقيدت ۽ احترام سان سيد سخاوت شاھ بخاري جي زيرنگراني ھيٺ ملھايو ويو، جنھن ۾ خاص مھمان گلفام سائين ۽ منور شاھ بخاري ھئا ٻي طرف ميندي جي رسم سان گڏ صوفياڻي راڳ پيش ڪئي وئي آھي جڏھن ته ميلي ۾ جھولا ۽ ٻيا ننڍا وڏا اسٽائل لڳايا ويا ھئا جن مان ٻارن سميت علائقي واسي لطف اندوز ٿيا آھن ،ان کان علاوھ ميلي ۾ سيدسخاوت بخاري سميت ٻين فنڪارن پنھنجي فن جو مظاھرو سڄي رات ڪيو ٻي طرف ميلي ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ڪوڏي ڪوڏي به پيش ڪئي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.