ريتي ۾ مهانگائي ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا

ريتي (ن ع آ) ريتي شھر ۾ عام واھپي جون شيون آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳيون  ڪريانه جي دڪاندارن من پسند جا ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا. دڪاندار عام واھپي جي شين تي پنھنجا ھٿ ٽوڪيا ريٽ مقرر ڪري غريب ماڻھن کي ٻنھي ھٿن سان لٽڻ لڳا.جڏھن ته گھي ، کنڊ، دال، پتي،   ۽ سبزين سميت ٻين شين تي ھٿ ٺوڪيا ريٽ مقرر علائقي واسين جو چوڻ آھي ته دڪاندارن وٺ ڪا به ريٽ ليسٽ موجود ناھي.  ھو ھر شيء پنھنجي من مرضي تي وڪرو ڪن ٿا.  اسان غريب ماڻھو آھيون ھڪ ته اسان جا فصل نقلي دوائين جي ڪري تباھ ٿي ويا آھن فصل جو به ڪو آسرو ناھي ويتر ڪريانه جي دوڪاندارن ھر شيء مھانگائي ڪري  اسان جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي.  انھن ڊي سي گھوٽڪي ۽ مختيارڪار ڏھرڪي کان مطالبو ڪيو آھي  ته دڪاندارن کي ريٽ لسٽ مھيا ڪئي وڄي ۽ منافعي خور دوڪاندارن  خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.