ٿر ۾ 77 ورهين کان مڇر مارڦوهارو نه ٿيو، بيمارين ۾ واڌ

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) ٿرپارڪر ضلعي جي ستن ئي تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، ڏيپلو، ڏاهلي ۽ ڪلوئي جي ٻهراڙي وارن سمورن ڳوٺن ۾ ڪڏهن ملڪ جي تاريخ ۾ پاڪستان ٺهي کان وٺي اڄ تائين 77 ورهين دوران مڇرمار ڦوهارو ناهي ڪرايو ويو. انهي کانسواءِ شهرن ۾ تازو ڪورونا جي خوف سبب نالي ماتر اسپري ڪرايو ويو پر مڇرن جو آزار ناهي ختم ٿيو، جنهن سبب شهرن سميت ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مڇرن رڻ ٻاري ڏنو آهي،.  هوڏانهن ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر شنڪر لال وانڪواڻي رابطي تي ٻڌايو ته مليريا ۾ ورتل ماڻهو ننڍا توڙي وڏا روزاني وڏي تعداد ۾ اسپتال اچن ٿا، جنهن ۾ اڪثريت ننڍن ٻارن ۽ عورتن جي آهي، مليريا وبائي شڪل اختيار ڪري وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.