شاهه محمود قريشي پاران تحريڪ انصاف گلگت بلتستان جي صدر سيد جعفر شاهه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي تحريڪ انصاف گلگت بلتستان جي صدر سيد جعفر شاهه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي  پيغام ۾ هن چيو ته سيد جعفر شاهه جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو، هو هڪ ڏاهو قانوندان ۽ هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو، جعفر شاهه جي پارٽي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي مرحوم سيد جعفر شاهه جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.