جهڏي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 4 ڄڻا رتو رت

جهڏو( ن ع آ ) مين اسٽيشن روڊ تي قائم نيو ڪوئيٽا هوٽل تي پٺاڻ ۽ راجپوت برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾  لٺيون، سروٽا لڳڻ سبب عبدالقادر، عبدالصابر، طاهر، پٺاڻ، ۽ مزمل راجپوت، زخمي ٿي پيا، اطلاع تي جهڏو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر جهڏو منتقل ڪيو، جڏهن ته پٺاڻ برادري جي عبدالصابر کي مٿي ۾ ڌڪ وڌيڪ هڄڻ سبب حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن جهڏو ٿاڻي تي فريادي عبدالقادر پٽ محمد رمضان، پٺاڻ جي فرياد تي، اڪرام، رضوان، فيضان، زيشان، سميت 6 ڄڻن تي  فائرنگ، ڀڃ ڊاهه، هوٽل تي حملو ۽ جهيڙي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.