تنگواڻي ۾ نوجوان جي قتل جو 8 ڄڻن تي ڪيس داخل

تنگواڻي( ن ع آ ) تنگواڻي پوليس ٿاڻي تي عدالتي احاطي ۾ قتل ڪيل نوجوان مولا بخش عرف نادر چولياڻي جي قتل جو ڪيس  سندس چاچي نورخان چولياڻي جي فرياد تي جوابدارن ولايت چولياڻي، جاويد احمّد، غلام ياسين چولياڻي، عبدالرزاق، سراج چولياڻي سميت 8 ماڻهن تي قتل جو ڪيس داخل ڪيوويو آهي، جڏهن تہ ڪيس ۾ ڄاڻايل 8 جوابدارن مان هڪ جوابدار ولايت چولياڻي گرفتار ٿيل هو،ٻئي طرف سب انسپيڪٽر عبدالستار ملڪ جي فرياد تي ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ هٿيار هلائڻ جو ٻيو ڪيس ڄاڻايل 8 ماڻهن مٿان داخل ڪيوويو، جڏهن تہ وڌيڪ ڪاروائي نہ ٿي سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.