ڳڙهي ياسين ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي

ڳڙهي ياسين ( ن ع آ ) ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ گلڻ ڪلهوڙو ۾ بروهي ۽ جلباڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو،  لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 5 ڄڻا سخت زخمي ، زخمين کي وارث کڻائي ڳڙهي ياسين آندو ، خبر موجب ڳڙهي ياسين ڀرسان بڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلڻ ڪلهوڙو ۾ ذوالفقار جلباڻي ۽ سڪندر بروهي جي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب وزير علي بروهي ، رانجهن جلباڻي ، علينواز جلباڻي ، شيراز جلباڻي ۽ شهزادو جلباڻي سخت زخمي ٿي پيا ، زخمين کي وارث کڻائي ڳڙهي ياسين اسپتال آندو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ زخمين کي شڪارپور اسپتال رفر ڪيو ويو ،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.