ڪلوئي جي ٽن يوسين ۾ماڻهن جا گهر ڊهي پيا آهن: گل محمد لاٽ

نئون ڪوٽ (رپورٽ : زاهد مغل ) نئون ڪوٽ ڀرسان ٿر رورل فلور مل تي اڳواڻي سينيٽر ۽ ٿرپارڪر جي سياسي سماجي اڳواڻ گل محمد لاٽ ٿر فلور مل پھچي ٿرپارڪر جي متاثر ٿيندڙ ٽن يوسين جي 2000 ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ راشن ورهايو  ان موقعي تي گل محمد لاٽ چيو تعلقي ڪلوئي جون ٽي يوسيون شديد متاثر ٿيون آهن ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن جيڪي امداد جا مستحق هئا اسان انهن ۾ اڄ ٻه هزار خاندانن ۾ راشن ورهايا آهن، اسان هميشه سياست کان هٽي ڪري انسانيت کي اوليت ڏني آهي هي وقت سياست جو نه بلڪ انسان ذات جي خدمت ڪرڻ جو  آهي، اسان غريب مستحق ماڻهن جي وس آهر خدمت ڪري رهيا  آهيون ۽ اڃان به ڪندا رهنداسون، هن چيو ته اسان ٿر جي غريب يتيم شاگردن کي مفت ۾اعلي تعليم ڏيارڻ جو به پروگرام شروع ڪيو آهي هن وقت تائين اسان وٽ غريب شاگردن جون ڪافي درخواستون پهچي چڪيون آهن اسان داخلا وٺندڙ شاگردن جو خرچ پاڻ ڀريندا سون ته جئين غريب ۽يتيم  ٻار اعلي تعليم حاصل ڪري سگهن ذات پات کان هٽي ڪري ٿر جي ماڻهن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ اسان جي اولين ترجيح آهي منهنجي والد حاجي غلام محمد لاٽ جي ڏسيل راھ خدمت خلق آهي جيڪا آئون ڪندو رهندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.