ڄامشور لڳ زمين تي قبضي جي ڪوشش

ڄامشورو ( ڊ  ر )  لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو  جي مين گيٽ اڳيان قائم پاڪ ترڪ اسڪول ڀرسان لمس جي خالي پيل  زمين تي بااثر لينڊ مافيا جي ماڻھن پاران قبضي جي ڪوشش ڪندي ٽريڪٽرن ذريعي مٽي لآئي زمين تي  ڪم شروع ڪرايو ويو جنھن جي انتظاميا کي کڙڪ پوڻ تي ايڪشن کڻندي پنھنجي سيڪيورٽي عملي /گارڊن کي موڪلي قبضي واري ھنڌ پھتي ته قبضا مافيا جا ماڻھو اتان فرار ٿي ويا ـ عملي پاران زمين لاٿل مٽي کي کنڊيري ڇڏي ۽ گارڊ مقرر ڪري ڇڏيا ـ ان سلسلي ۾ سيڪيورٽي عملي جي انچارج حاڪم چنا ٻڌايو ته  لمس جي مين گيٽ اڳيان قائم پاڪ ترڪ اسڪول ڀرسان اسان جي لمس جي زمين آھي پاڪ ترڪ اسڪول جي ڀرسان خالي پلاٽ تي نامعلوم قبضي خورن مٽي لھرائي قبضي جي ڪوشش ڪئي آ اطلاع ملڻ تي اسان پھچي ڪاروائي ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.