بابا جان جي گرفتاري خلاف اي ڊبليو پي جا مظاهرا

ڪراچي/ حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) عوامي ورڪرز پارٽي پاران گلگت بلتستان جي اڳواڻ ڪامريڊ بابا جان ۽ ٻين اسيرن توڙي  ملڪ جي قيد سياسي اڳواڻن جي آزاديءَ لاءِ سنڌ جي مختلف پريس ڪلبن اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي، نصير آباد، ميان صاحب ۽ ٻين شهرن ۾ عوامي ورڪر پارٽي ڪارڪنن ريلي ڪڍي نعرا هنيا. ان موقعي تي اڳواڻ اثر امام، ضلعي صدر ڪامريڊ روشن ڪلھوڙو، جنرل سيڪريٽري ساحل بروهي، هاري سيڪريٽري برڪت سمون، ليبر سيڪريٽري مرتضي ڪورائي، وحيد عباسي، اسد راهوجو ۽ ٻين چيو ته ڪامريڊ بابا جان ۽ سندس ساٿين کي بيگناهه ست سالن کان قيد ۾ رکيو ويو آهي. ڪامريڊ بابا جان گلگت بلتستان سميت پوري ملڪ جي مظلومن جو آواز آهي هتي جيڪو به پيڙهيل طبقن جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان کي يا ته کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو يا وري ان کي بيگناهه قيد ڪيو وڃي ٿو. سموري ملڪ ۾ اظهار آزاديءَ ۽ پيڙهيل طبقن جي لاءِ آواز اٿارڻ تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي. اسان گهر ٿا ڪريون ته ڪامريڊ بابا جان، سندس ساٿين ۽ ملڪ جي سمورن سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.