پني عاقل لڳ پوليس هٿان 5 گهر پٽ، ڦرلٽ، ڳوٺاڻو گرفتار، ڌرڻو

پنوعاقل (رپورٽ:نور محمد سومرو)آر پي او سکر جي حڪم تي غريب ھارين جا پنج گھر پٽ،لکين رپين جو سامان چوري،پورھتن گھر ڌڻين تي ڪوڙو ڪيس داخل،پوليس ھڪ ڄڻو کنڀي گم ڪري  ڇڏيو،ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف قومي شاھراھ تي احتجاج،ھاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان،انصاف جي گھر،خبرموجب؛مبارڪپور ٿاڻي جي حد ٺڪراٺو لڳ رھندڙ محمد نواز،عبدالغفار،اسماعيل،عبدالخالق اعواڻ،امام الدين جکراڻي ۽ ٻين ھتي قومي شاھراھ تي احتجاج ڪندي چيو آھي ته گذريل ڏينھن علائقي جي بااثر وحيد ناصر،عبدالماجد،نديم جٽ ۽ ٻين جي چوڻ تي سندن عزيز آر پي او سکر جي حڪم تي مختلف ٿاڻن جون 10 کان وڌيڪ پوليس موبائيليون پوليس جا جٿا روينيو جي آفيسرن سان گڏ  ڳوٺ تي چڙھائي ڪري اسان جا گھر ڊاھي پٽ ڪري معصوم عورتون ۽ ٻارن توڙي گھر ڀاتين کي ھڪ ھنڌ يرغمال ڪري ويھاري گھرن ۾ پيل سون،روڪ رقم سامان ان جنھن جي ماليات لکين رپيا جيڪي پوليس موبائيلن ۾ کڻي  بلڊوزر ذريعي گھر ڊاھي گھرن ۾ پيل لوھ در دريون ۽ سران به کڻي ويا،ھنن چيو ته اسان پوليس  جي قيد ۾ يرغمال  مرد عورتون دانھون ڪندا رھيا سي پر ھنن اسان جي ڪجھ به نه  ٻڌي،غريب ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيو ته اسان سپريم ڪورٽ ھاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ حڪومت کان گھر ٿا ڪريون ته اسان جا گھر ڊاھي لکين رپين جو ڌاڙو ھڻائيندڙ آر پي او سکر مٿان ڪيس داخل ڪري ۽ اسان تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.