وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل جو مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اسحاق ڊار جي ٽويٽ تي ردعمل

اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اسحاق ڊار جي ٽويٽ تي ردعمل ۾ چيو آهي ته زبير صاحب  اسحاق ڊار کي ٻڌائي ته ڪهڙي طرح توهان جي والد جوان مردي  سان 1965ع جي جنگ ۾ شجاعت ڏيکاري. هڪ ٽويٽ ۾ هن چيو ته جنهن جو اصل قصور هو. اهو اڄ توهان سان گڏ  اي پي سي ۾ موجود آهي اميد آهي توهان پنهنجي والد مرحوم جو ڪيس وڙهندا يا هي ڪم به صرف اسد عمر کي ئي ڪرڻو آهي.

وزيراعظم موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي، وڌيڪ قيمتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ناجائز  منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن جي حوالي سان شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ مواصلات واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽروي کي خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته موٽروي ريسٽ ايرياز تي قيمتن جي مانيٽرنگ جي لاءِ خصوصي ٽيمون لڳايون وڃن، ٽيمون موٽروي ريسٽ ايرياز تي ڏينهن ۽ رات باقاعدگي سان ڇاپا هڻن. ٽيمون ضرورت موجب ضلعي انتظاميا کان ڪنهن به وقت مدد وٺي سگهن ٿيون. موٽروي ريسٽ ايرياز تي وڌيڪ قيمتن جي خلاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، موٽروي ريسٽ ايرياز تي مسافرن ۽ سياحن جي آگاهي جي لاءِ بينرز هنيا وڃن. سٽيزن پورٽل تي شڪايتن جي آگاهي بابت پڻ ريسٽ ايرياز ۾ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس لاڳاپيل عملدارن کي 21 ڏينهن ۾ شروعاتي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. قدمن جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ جي تقابلي رپورٽ پڻ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.