شڪارپور ۾ پراڻي دشمني تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

شڪارپور ( ڊ ر )  لکي در ٿاڻي جي حد  حاجي لطيف شاه واري علائقي بيگاري واه ڀرسان سردار واحدبخش خان ڀيو جي بنگلي باهران معشوق علي ڀيوويٺو هو ته ٻه موٽر سائيڪل سوار نامعلوم هٿيار بندن مٿان  پسٽلن جا  فائر ڪيا جنن سبب معشوق علي ڀيوشديد زخمي ٿي پيو ۽ هٿيار بند فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا ۔ واقعي جي اطلاع تي لکيدر پوليس سول اسپتال کڻائي آئي مگر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ۔مقتول پ پ هاري ڪاميٽي ضلعي شڪارپور جو صدر پپو ڀيو جو مامو هو۔ ۽ ذريعن جو چوڻ آهي ته هن کي پراڻي دشمني سبب قتل ڪيو ويو آھي۔ هوڏانهن سول  اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد  لاش وارثن حوالي آخري اطلائن تائين ڪيس داخل نه ڪيو پيو آھي۔ .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.