سلطان ڪوٽ لڳ موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾2 ڄڻا زخمي

سلطان ڪوٽ ( ن ع آ ) سلطان ڪوٽ ھمايون  شريف لڳ ابدال شاخ تي تيزرفتار موٽرسائيڪل سوار جو واٽهڙوکي ٽڪر 2 ڄڻا سخت زخمي همايون شريف ۽ ٺل لنڪ  ابدال روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل واٽهڙو سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ھمايون شريف جورھواسي آصف پٽ شھبان بروھي ۽ موٽرسائيڪل سوار ميرپور ٻرڙو جو رهواسي بخت الله ٻرڙو سخت زخمي ٿي پيا آهن حادثي ۾ سخت زخمي ٿيل ٻنهي ڄڻن کي همايون شريف پوليس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شڪارپورسيول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ٻڌايو وڃي پيو ته ميرپور ٻرڙو جو رھواسي  بخت الله ٻرڙو ھمايون شريف کان موٽرسائيڪل تي پنهنجي گھر وڃي رھيوھو .

دريا خان مري ويجهو ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، پيرسن زخمي

درياخان مري (ن ع آ) دريا خان مري نوشھرو فيروز روڊ تي لغاري پيٽرول پمپ وٽ ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو ٽڪر جي نتيجي م موٽر سائيڪل سوار درياخان  مري واسي 50 سالا پيرسن ڪريم بخش عمراڻي سخت زخمي ٿي پيو زخمي پيرسن کي سيريس حالت ھجڻ سبب نوشھروفيروز اسپتال نيو ويو.

سجاول ڀرسان سوزوڪي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي

سجاول (ڊ ر ) ميرپوربٺورو شهر لڳ سجاول ، ميرپوربٺورو روڊ تي پئٽرول پمپ ڀرسان سوزوڪي ۽ موٽرسائيڪل رڪشا ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ سبب موٽر سائيڪل رڪشا تي سوار ڳوٺ سومار لاشاري جا رھواسي ٽي ڄڻا الھبچايو لاشاري، گلزار لاشاري ۽ غلام پکالي سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي پيپلز ايمبولينس ذريعي فوري طور تي تعلقه اسپتال ميرپوربٺورو آندو ويو جتي کين ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد ٻن ڄڻن الھبچايو لاشاري ۽ غلام پکالي کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.