ٽنڊي محمد خان ويجهو ٽينڪر جي ٽڪر ۾ 2 ڄڻا فوت

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر)ٽنڊي محمد خان لڳ بلڙي شاھه ڪريم روڊ تي ٽينڪر سان موٽر سائيڪل جو ٽڪر ٿي پيو. نتيجي ۾ موٽر سائيڪل  تي سوار 2 ڄڻا 45 سالن جو نوشاد عرف طوطو سولنگي ۽ 30 سالن جو وقار ملاح ٿڏي تي فوت ٿي ويا. فوتين جي لاشن کي ٽنڊي محمد خان جي سرڪاري اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ آندو ويو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. فوتي ٽنڊي محمد خان شهر جي مير پاڙي جا رهواسي آهن، لاش کي وارث پوسٽ مارٽم بعد پنهنجي گهر کڻائي ويا. فوتين جي اڄ سندن اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.