پکي ۾ ڪار جي روزدار ٽڪر سبب پيرسن فوت

پکو( ن ع آ ) پکو شھر ۾ تيز رفتار ڪار ٽڪر ھڻي پيرسن کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو , لاڙڪاڻو اسپتال ۾ فوت , وارثن ۾ ڪھرام متل  , ان ڏس ۾ باءّ پاس مين روڊ تي لاڙڪاڻي طرف کان ايندڙ تيز رفتار ڪار جو روڊ ڪراس ڪندڙ خيرپور جوسو واسي 50 ورھين جي پيرسن محمد ميربحر کي ٽڪر ھڻي سخت زخمي ڪري وڌو , زخمي پيرسن کي شھرين کڻي شعبه حادثات اسپتال لاڙڪاڻو پھچايو جتي ھُو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو , اھڙي اطلاع تي وارثن ۾ ڪھرام مڇي ويو , پيرسن جو مڙھ ضروري ڪاروائي بعد ڳوٺ پھچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو , ھوڏانھن ڊاڪٽرن موجب پيرسن کي مٿي ۾ گھرا ڌڪ لڳل ھئا جيڪو زير علاج دوران فوت ٿي ويو , ھوڏانھن پکو پوليس حادثي جي اطلاع تي واقعي واري ھنڌ پھچي ڪار ڊرائيور ڊيرا مراد جمالي واسي ربنواز جمالي کي گرفتار ڪري ڪار تحويل ۾ وٺي حادثي جي جاچ شروع ڪري ڏني آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.